لڪي مروت: (ويب ڊيسڪ) لڪي مروت ۽ لنڊي ڪوتل ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا، ريسڪيو 1122 موجب لڪي مروت ۾ وانڊه حاجي گل جي ڀرسان اڳوڻي دشمني جي آڌار تي طورتله منجيواله ۾ فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت سميت 5 ڄڻا مارجي ويا. ريسڪيو 1122 جون ميڊيڪل ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي سمورن مارجي ويلن جا لاش سٽي اسپتال لکي سٽي منتقل ڪري ڇڏيا آهن.ٻئي طرف خيبر جي ٿاڻي لنڊي ڪوتل جي علائقي نيڪي خيل ۾ زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، 9 زخمي ٿي پيا، هڪ ڌر مان 2 مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿيا جڏهن ته ٻئي ڌر جا 6 ڄڻا زخمي ٿي چڪا آهن.پوليس موجب زخمين کي طبي امداد جي لاءِ لنڊي ڪوتل اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس ضروري لاءِ واقعي واري هنڌ پهچي وئي.










