لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پيٽروليم ليوي ٽيڪس جي معاملي تي عدالت جو دروازو کڙڪائينداسين، ليوي ٽيڪس عوام سان وڏو ظلم آهي.منصوره لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته عوام هڪ ليٽر پيٽرول تي سوا سئو روپيه ٽيڪس ادا ڪري رهيو آهي، جنگبندي تي سوچي رهيا هئاسين ته وزيراعظم پراڻي قيمت تي پيٽرول کڻي ايندو پر صرف 12 روپيه گهٽ ڪيا ويا جيڪو افسوسناڪ عمل آهي.حافظ نعيم الرحمان چيو ته پيٽرول جي قيمت اڍائي سئو روپين تائين آندي وڃي ليوي ٽيڪس ختم ٿيندو ته معاشي سرگرميون وڌي وينديون جنهن جو فائدو ملڪ کي ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته کرب پتي ماڻهو ٽيڪس بچائي رهيا آهن، موٽر سائيڪل هلائيندڙ ٽيڪس ڏئي رهيو آهي، حڪومت ليوي ٽيڪس مان پنج کان ڇهه سئو ارب روپيه ڪمائي رهي آهي اهو سلسلو هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي.جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ميزباني ۾ ايران آمريڪا ڳالهيون خوشي جوڳو قدم هو، اسان چاهيون ٿا ته ايران آمريڪا ڳالهيون ڪامياب وڃن، پاڪستان بهترين ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان اڃان به وڌيڪ بهتر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته اهي اطلاعات به اچي رهيا آهن ته ڌريون معاهدي جي ويجهو پهچي چڪيون هيون پر آمريڪي نائب صدر کي فون آيو ۽ اهو معاهدو ڪرڻ کان سواءِ واپس هليو ويو، شيطان جي پوجا ڪندڙن آمريڪا کي يرغمال بنائي رکيو آهي.










