’لبنان ۾ اسرائيل پاران سفيد فاسفورس جي استعمال جي تصديق‘

’لبنان ۾ اسرائيل پاران سفيد فاسفورس جي استعمال جي تصديق‘

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) هيومن رائيٽس واچ (ايڇ آر دبليو) پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چيو آهي ته اسرائيل هن مهيني ڏکڻ لبنان جي رهائشي علائقن ۾ سفيد فاسفورس استعمال ڪيو آهي، جيڪو بين الاقوامي انساني قانون جي خلاف ورزي آهي۔
رپورٽ مطابق ست تصويرن جي تصديق ڪئي وئي آهي جن ۾ يُحمور (Yohmor) جي رهاڪن واري ڳوٺ تي سفيد فاسفورس جي گولي بازي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻن گهرن ۾ باهه لڳڻ جا واقعا ڏيکاريا ويا آهن۔ هي واقعو ٽي مارچ تي پيش آيو۔
ايڇ ار دبليو جي محقق رمزي ڪيس (Ramzi Kaiss) چيو ته ”رهائشي علائقن تي اسرائيلي فوج جو سفيد فاسفورس استعمال غير قانوني ۽ تمام گهڻو پريشان ڪندڙ آهي، جنهن جا شهرين تي سنگين اثر پوندا.“
هن وڌيڪ چيو ته سفيد فاسفورس جي ساڙڻ وارا اثر موت يا اهڙا سخت زخم پيدا ڪري سگهن ٿا جيڪي سڄي عمر تائين تڪليف جو سبب بڻجن ٿا۔
ايچ آر ڊبليو 7 تصويرن جي تصديق ۽ جاگرافيائي هنڌ جي نشاندهي ڪئي آهي جن ۾ هوائي ڌماڪن مان به سفيد فاسفورس واضح نظر اچي پئي. شهري دفاع جا ڪارڪن گهرن ۽ هڪ گاڏي ۾ لڳل باهه کي وسائي رهيا آهن۔
سفيد فاسفورس آڪسيجن جي سامھون ايندي ئي جلي ٿو، ۽ گهرن ۽ شهري تنصيبات کي باهه لڳائي سگهي ٿي۔ بين الاقوامي قانون مطابق آبادي وارن علائقن ۾ هوائي ڌماڪن ذريعي سفيد فاسفورس جو استعمال غير قانوني آهي۔
ايچ آر ڊبليو اڳ ۾ به 2023 ۽ 2024 ۾ ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي فوج جي وڏي پيماني تي سفيد فاسفورس جي استعمال کي دستاويزي شڪل ڏني هئي۔
تازين جهيڙن ۾ لبنان ۾ 400 کان مٿي ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ لکين بي گھر ٿي ويا آهن۔
ايچ آر ڊبليو جو چوڻ آهي ته اسرائيل کي فوري طور تي هي عمل روڪڻ گهرجي ۽ ان جي اتحادي ملڪن – آمريڪا، برطانيه، جرمني – کي فوجي امداد ۽ هٿيارن جي وڪرو کي معطل ڪرڻ گهرجي۔

پهنجو تبصرو موڪليو