لاڙڪاڻي ۾ ڪار تي فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا

لاڙڪاڻي ۾ ڪار تي فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا

لاڙڪاڻو (ن س) لاڙڪاڻي ۾ ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جيل مان آزادي ماڻيندڙ ٻن ڄڻن کي وٺڻ لاءِ ويل وارثن تي هٿياربندن جي ڀائرن ۾ ٽن ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا مارجي ويا.وارهه ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻو سينٽرل جيل مان ضمانت تي آزاد ٿيل وارهه واسي ٻه ڀائر امجد سولنگي، ماجد سولنگي ۽ کين وٺڻ لاءِ آيل سندن ڀاءُ شوڪت علي سولنگي، پڦاٽ امير علي سولنگي ۽ ڏوڪري واسي نجم الدين چانڊيو تڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته هٿياربند فرار ٿي ويا.اطلاع تي پوليس پهچي مقتولن جا لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيا.مقتولن جي وارثن دانهيندي چيو ته اسان غريب آهيون، مغيري ڌر اڳ ۾ به اسان جي ٻه نوجوانن کي قتل ڪيو آهي، اسان کي انصاف ڏنو وڃي.هوڏانهن ايس ايس پي واقعي جو نوٽيس ورتو آهي، جڏهن ته اي ايس پي سٽي، ڊي ايس پي، وليد ٿاڻي جي ايس ايڇ او وارثن کان واقعي بابت تفصيل وٺي جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي آهي.واقعي بابت پوليس اختيارين ٻڌايو ته قمبر شهدادڪوٽ جي حدن ۾ سال 2021 ۾ قتل جو ڪيس داخل ٿيو هو، اهو ڪيس مغيري ڌر سولنگي ڌر جي ماڻهن خلاف داخل ڪرايو هو، ان ڪيس ۾ سولنگي ڌر جا 3 ڄڻا گرفتار ٿي جيل ويا هئا، جن مان هڪ جي ضمانت اڳ ئي ٿي چڪي هئي.پوليس موجب اڄ ڪيس ۾ گرفتار ٻن ڄڻن جي ضمانت ٿي هئي ۽ 3 ڄڻا هڪ گاڏي ۾ سوار ٿي کين وٺڻ آيا هئا، گاڏي جيئن ئي جيل مان نڪتي تي هٿياربندن سندن گهيرو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب 5 ئي ڄڻا مارجي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو