لاڙڪاڻو (ن س) لاڙڪاڻي ڀرسان عاقل ٿاڻي جي حد ڳوٺ بگن ڪورائي ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 48 ورهين جو پورهيت ڳوٺاڻو زاهد پٽ حاجي ٻڍل خان ڪورائي قتل ٿي ويو.
اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. واقعي خلاف مقتول جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي مقتول جي ڀائرن ديدار ڪورائي ۽ فتح محمد ڪورائي دانهيندي چيو ته پراڻي سڱاوتي تڪرار تان بادشاهه ڪورائي پنهنجي ڀائرن ۽ ٻين هٿياربندن سان گڏجي گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري زاهد ڪورائي کي قتل ڪري ڇڏيو پر پوليس قتل ۾ ملوث ھٿياربندن کي گرفتار ناهي ڪيو جيڪا وڏي ناانصافي آهي.
هنن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته قتل ۾ ملوث بادشاهه ڪورائي ۽ ٻين هٿياربندن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.










