پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواه جو وڏو وزير علي امين گنداپور جيڪو گزريل ڏينهن 8 ڪلاڪن کان وڌيڪ لاپتا هو، منظر عام تي اچي ويو آهي. پي ٽي آءِ جي ايم اين اي شاهد خٽڪ تصديق ڪئي آهي ته هو رات دير سان پشاور پهچي ويو آهي. ان کان اڳ سندس ترجمان بيريسٽر سيف سومر تي شام جو چيو هو ته وڏو وزير لاپتا ٿي ويو آهي سندس عملي سان به رابطو نه پيو نه ٿئي. هن جي اسلام آباد ۾ ڪي پي هائوس ۾ نظر بندي جا افواهه به هلندا رهيا. سني اتحاد ڪائونسل جي صاحبزاده حامد رضا سندس گرفتاري جي ترديد ڪئي هئي.










