لاپتا ماڻهن مان 2 ڄڻا بازياب، عدالت کي ڄاڻ

لاپتا ماڻهن مان 2 ڄڻا بازياب، عدالت کي ڄاڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل شهرين بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوارن درخواست گذارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته 2 شهري بازياب ٿي گهر پهچي ويا، عدالتي حڪم تي مقبول ۽ توفيق احمد بازياب ٿيا آهن، جيڪي ڪيترن ئي مهينن کان لاپتا هئا، وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شهري مقبول احمد کي ايس ايڇ او سچل اغوا ڪرايو هو، ايس ايڇ او سچل جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته ايس ايڇ او جي خلاف ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل اٿارٽي سان رابطو ڪيو وڃي، عدالت ٻنهي شهرين جي ڪيس اڪلائيندي وڌيڪ گم ٿيل ٻين شهرين کي به آزاد ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ جي گهرو کاتي، پوليس ۽ ٻين کان اڳڀرائي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو