لاوارث ٻار ڍير بدران اسانجي جُهولي ۾ رکو، رضيه

ٽنڊومحمدخان (لال بخش سٺيو) لاوارث ٻارڙن کي پاليندڙ ۽ پنهنجي مدد پاڻ يتيم خانو ھلائيندڙ سماج سڌارڪ ادي رضيه سھتو جيڪا ھن وقت ڪرائي جي گھر ۾ رھي به پنهنجي نيڪ عمل ڪرڻ ۾ وسان نه گھٽايو آھي. رضيه سھتو لاوارث ٻارگڏ ڪرڻ لاءِ پوري شھر ۾ پينگھا لڳائي ڇڏيا آھن. پاڻ اھو اعلان ڪري ڇڏيو اٿائين ته ٻار کي گند جي ڍير تي اڇلائڻ بجاءِ ٻارڙن کي اسان جي لڳايل جھولن ۾ رکيو وڃي ته جيئن انھن لاوارٿ ٻارڙن کي پالي سگھون. رضيه سھتو جي يتيم خاني ۾ ھن وقت 12  لاوارث يتيم ٻارڙا آھن جن جي تعليم ۽ تربيت جون ذميواريون رضيه سھتو جي ئي ذمي آھن. لاوارث ٻارڙن جي پالنا ڪرڻ جي شروعات پھرين رضيه سھتو جي والده ڪندي ھئي پر بيمار ھئڻ ڪري ھاڻي اھو نيڪ ڪم سندس ڌي رضيه سھتو سنڀالي رھي آھي. پنھنجي  انھي نيڪ عمل جي ڪري رضيه سھتوتعليم کي الوداع ڪئي اڃان تائين شادي به ناھي ڪئي. سندس چوڻ آھي ته منھنجو جيئڻ مرڻ ھاڻي ھن يتيم ٻارڙن جي پالنا سان آھي .ھن وقت رضيه سھتو سان سڀ کان وڏو مسئلو يتيم ٻارڙن جي رھائش ۽ کاڌ خوراڪ جو آھي .ھن وس ۽ سرندي وارن ماڻھن کي اپيل ڪئي آھي ته لاوارث ٻارڙن جي زندگي سنوارڻ، سندن تعليم ۽ رھائش جو بندوبست ڪرڻ لاءِ مدد ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو