لاهور ۾ ڀاڄيون ۽ فروٽ مهانگا، اسلام آباد مان بصر ۽ ٽماٽو اڻلڀ

لاهور ۾ ڀاڄيون ۽ فروٽ مهانگا، اسلام آباد مان بصر ۽ ٽماٽو اڻلڀ

لاهور: (ويب ڊيسڪ) ٻوڏ جي پاڻي جتي زمينون تباهه ڪري ڇڏيون آهن اتي شهرين جي روزمره زندگي به مشڪل بنائي ڇڏي آهي. لاهور جي بازارن ۾ سبزين ۽ فروٽ جون قيمتون وڌي ويون، جڏهن ته اسلام آباد جي بازارن ۾ ٽماٽو ۽ بصر اڻلڀ ٿي ويو آهي.لاهور ۾ گذريل 2 هفتن دوران مرغي، ڀاڄين ۽ فروٽ جي قيمتن ۾ نمايان اضافو ٿي ويو آهي. ڪڪڙ جو گوشت سرڪاري قيمت 595 روپيه في ڪلو مقرر آهي پر مارڪيٽ ۾ 600 کان 650 روپيه في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهيو آهي جڏهن ته صافي گوشت 720 ۽ بون ليس هڪ هزار 30 روپيه ڪلو تائين پهچي ويو آهي.ڀاڄين ۾ ٽماٽا 95 جي بجاءِ 250. بصر 60 جي بجاءِ 90، پٽاٽو 70 جي بجاءِ 90، واڱڻ 100 جي بجاءِ 200، ڀينڊي 150 جي بجاءِ 200، ونگو 100 جي بجاءِ 150 ۽ شمله مرچ 150 جي بجاءِ 300 روپيه في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن.فروٽ جون قيمتون به وڌي ويون آهن. ڪيلو 120 جي بجاءِ 150 روپيه في درجن انگور 400 جي بجاءِ 500 کان 600 روپيه ڪلو، صوف 200 جي بجاءِ 250، آڙو 150 جي بجاءِ 250، گرما 170 جي بجاءِ 200 ۽ زيتون 100 جي بجاءِ 150 کان 200 روپيه في ڪلو ۾ دستياب آهي.اسلام آباد ۾ به صورتحال ڪجهه مختلف نه آهي. اتي بازارن ۾ عام واهپي جي شين ۾ بصر ۽ ٽماٽو غائب ٿي ويا آهن. شهري چون ٿا ته مصالحن جي بنيادي ڀاڄين کان سواءِ کاڌو تيار ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي. جڏهن ته انهي حوالي سان دڪاندارن جو موقف آهي ته منڊي ۾ قيمتون تمام گهڻيون آهن، حڪومت اسان کان گهٽ ريٽ تي وڪرو جي گهر ڪري ٿي اسان نقصان ڪيئن برداشت ڪريون. طلب وڌيڪ هجي ۽ پهچ گهٽ ته قيمتون مٿي وينديون آهن پر تازو ٻوڏ کان پوءِ حڪومت ۽ منڊي جي وچ ۾ فرق جو بار آخرڪار عوام تي پئجي رهيو آهي.شهرين جو چوڻ آهي ته حڪومت کي قيمتن تي عمل يقيني بنائڻ گهرجي، جڏهن ته دڪاندارن جو موقف آهي ته ٻوڏ فصل تباهه ڪري ڇڏيا آهن انهي ڪري قيمتون وڌيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو