لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلو،اپوزيشن پاران سپريم ڪورٽ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلو،اپوزيشن پاران سپريم ڪورٽ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي چيو آهي ته پنجاب جو وڏو وزير چونڊن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃي رهيو آهي. هن چيو ته عدالت پرزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪيو آهي، ان جو اليڪشن سان ڪهڙو واسطو؟ گهر نه ڀريو آهي، حج کان پوءِ ملاقات ٿيڻ گهرجي.ذريعن موجب لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ ق جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ذريعن موجب پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي بيرسٽر علي ظفر جي سربراهي ۾ قانوني ٽيم سان مشاورت ڪئي. اجلاس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان حوالي سان قانوني درخواست جي تياري پڻ شروع ڪئي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جا 5 ميمبر حج تي ويا آهن، 6 ميمبر ضروري ڪم لاءِ پرڏيهه ويا آهن. اجلاس کي قانوني ماهرن بريفنگ ڏيندي چيو ته عدالتي فيصلي باوجود اليڪشن ڪميشن 5 ميمبرن جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ ڪيترائي آئيني ۽ قانوني ابهام آهن، قانوني نقطا سپريم ڪورٽ آڏو رکيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو