لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ اسموگ ڪيس ۾ ناصر باغ پارڪ کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي عملدرآمد رپورٽ طلب ڪري ورتي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم هارون فاروق ۽ ٻين درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جڊيشل واٽر ڪميشن جي ميمبر ڪينال روڊ تان وڻ ڪٽڻ بابت رپورٽ پيش ڪئي.پي ايڇ اي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اهو معمول جي ڪارروائي آهي، شاخون نه کٽيون وڃن ها ته حادثو ٿي سگهي ٿو. جسٽس شاهد ڪريم پڇاڻو ڪيو ته وڻ جي ڪري ڪهڙو حادثو ٿي سگهي ٿو ۽ هينئر تائين ڪيترا حادثا ٿي چڪا آهن؟وڪيل پي ايڇ اي چيو ته پي ايڇ اي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندس خلاف پيڊ ايڪٽ تحت ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، بئريسٽر حارث عظمت عدالت کي ٻڌايو ته نئون پراجيڪٽ ڊائريڪٽر عدالت ۾ موجود آهي، تپا داتا درٻار ڀرسان پراڻي وڻ کي اُڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.جسٽس شاهد ڪريم حڪم ڏنو ته ناصر باغ پارڪ کي پي ايڇ اي پنهنجي نگراني ۾ بحال ڪري، عدالت واضح هدايتون جاري ڪندي چيو ته ڊي جي پي ايڇ اي جي اجازت ۽ ڄاڻ کانسواءِ ڪنهن به وڻ جي شاخ نه ڪٽي ويندي. جڏهن ته عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي عملدرآمد رپورٽ طلب ڪري ورتي.










