لاهور هاءِ ڪورٽ، ڇهين هفتي لاءِ ججن جو روسٽر جاري

لاهور هاءِ ڪورٽ، ڇهين هفتي لاءِ ججن جو روسٽر جاري

لاهور (نيوز ڊيسڪ): لاهور هائيڪورٽ پاران گرميءَ جي موڪلن جي ڇهين هفتي لاءِ ججز جو نئون روسٽر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن جو اطلاق 10 آگسٽ کان ٿيندو.روسٽر موجب لاهور پرنسپال سيٽ تي سومر کان 2 ڊويزن بينچون اپيلن جي ٻڌڻي ڪنديون، جڏهن ته 4 جج بطور سنگل بينچ مختلف مقدمس جي ٻڌڻي ڪندا. چيف جسٽس لاهور هائيڪورٽ عاليه نيلم جي سربراهيءَ ۾ ٻه رکني بينچ سمورين نوعيتن جي اپيلن جي ٻڌڻي ڪندي، جڏهن ته جسٽس صادق محمود خرم جي سربراهيءَ ۾ پڻ ٻه رکني بينچ جڙندي.ان کان علاوه علائقائي بينچن ۾ جسٽس احمد نديم ارشد بهاولپور، جسٽس خالد اسحاق ملتان ۽ جسٽس صداقت علي خان راولپندي بينچ تي بطور سنگل بينچ مقدمس جي ٻڌڻي ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو