لاهور: داتا درٻار ۾ تعميراتي ڪم، ٿنڀو ڪرڻ سبب مسافر فوت

لاهور: داتا درٻار ۾ تعميراتي ڪم، ٿنڀو ڪرڻ سبب مسافر فوت

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ داتا درٻار جي توسيع واري منصوبي تي ڪم دوران عمارت جو ٿنڀو ڪرڻ سبب هڪ پيادل فوت ٿي ويو، پوليس پنج ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب، داتا درٻار جي توسيع واري منصوبي تي ڪم دوران عمارت جو ٿنڀو ڪرڻ سبب 40 سالن جو پيادل شاهد سخت زخمي ٿي پيو.زخمي پيادل کي اسپتال وٺي وڃي رهيو هو پر رستي ۾ فوت ٿي ويو.پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ سيفٽي آفيسر ۽ ڪرين اسٽاف سميت پنج ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار ٿيل ماڻهن ۾ طاهر، حمزه، مدثر، امير معاويه ۽ لقمان شامل آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل شڪي ماڻهن کان واقعي جي حوالي سان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو