لاهور جي ڪراچي کي 85 رنز تان شڪست

لاهور جي ڪراچي کي 85 رنز تان شڪست

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ڪنگز جي پوري ٽيم 136 تي ڍير ٿي وئي. لاهور کين 85 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. خوشدل 39، حسن علي 27، شان مسعود ۽ ٽم سائفرٽ هر هڪ 18 رنز ٺاهي سگهيا. وارنر، ونس به نه هليا. لاهور 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 201 رنز ٺاهيون، سڪندر رضا 10 ۽ رشاد حسين 2 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيا. پاڪستان سپر ليگ يعني پي ايس ايل جي ڇهين ميچ ۾ لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين آفريدي ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ڪراچي جي نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ فخرالزمان ۽ محمد نعيم اننگ شروع ڪئي. ڪراچي پاران پهريون اوور ايڊم ملني ڪرايو جنهن ۾ 6 رنز ٺهيون. آخري بال تي فخر جو ڪيچ جيمز ونس ڊراپ ڪيو ۽ چوڪو به نه روڪي سگهيو. ٻيو اوور حسن علي ڪرايو جنهن کي نعيم ڇڪو هنيو ۽ 7 رنز ٺاهي اڳئين بال تي عباس آفريدي هٿان ڪيچ ٿي ويو. حسن علي جي ٻئي اوور ۾ 9 بالن تي 6 رنسون ٺاهي عبدالله شفيق عرفات منهاس هٿان ڪيچ ٿي ويو. جنهن بعد فخر خوشدل کي 3 ڇڪا هڻي ففٽي مڪمل ڪئي. جنهن بعد ڊيرل مچل به 8 چوڪن جي مدد سان 30 بالن تي ففٽي ڪئي. ٻئي کلي کيڏي رهيا هئا ۽ لاهور جو اسڪور 15 اوورن ۾ 150 ڪرايو ۽ ته فخر 16 هين اوور ۾ 5 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 47 بالن تي 76 رنز ٺاهي حسن علي جي بال تي ايڊم ملني هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد سيم بلنگز10 بالن تي 19 رنز ٺاهي حسن علي جو چوٿون شڪار بڻيو، کيس عرفان نياز ڪيچ ڪيو، 19 هين اوور ۾ ڊيرل مچل 2 ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 41 بالن تي 75 رنز ٺاهي عباس آفريدي جي بال تي حسن علي هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد سڪندر رضا ۽ رشاد حسين اسڪور اڳتي وڌايو لاهور جي ٽيم 6 وڪيٽن جي نقصان تي 201 رنسون ٺاهيون. حسن علي 4 اوورن ۾ 28 رنسسون ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون، ايڊم ملني 4 اوورن ۾ 31 رنز ڏنيون پر کيس وڪيٽ نه ملي، عباس آفريدي 4 اوورن ۾ 47 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي. باقي ٽنهي اسپنرز فواد 3 اوورن ۾ 30، عرفات 2 اوورن ۾ 26، ۽ خوشدل 3 اوورن ۾ 36 رنز ڏنيون ۽ ڪنهن کي ڪا وڪيٽ نه ملي.

پهنجو تبصرو موڪليو