لانگ مارچ ٽوڙ ڦوڙ ڪيس، عمران خان ٻن ڪيسن مان بري

لانگ مارچ ٽوڙ ڦوڙ ڪيس، عمران خان ٻن ڪيسن مان بري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت عمران خان جي لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جي 2 ڪيسن ۾ بريت واري درخواست منظور ڪري ورتي.اسلام آباد جي جڊيشل مئجسٽريٽ شائستہ ڪنڊي لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جي ٻن ڪيسن ۾ عمران خان جي بريت جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عمران خان جا وڪيل نعيم پنجوٺو، سردار مسروف ۽ آمنه علي عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران عدالت پي ٽي آءِ جي باني کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي چيو ته جيڪڏهن عمران خان کي عدالت ۾ آڻڻ وقت ڪجهه ٿيو ته ذميوار ڪير هوندو؟ ان تي وڪيل نعيم پنجوٺو چيو ته باني پي ٽي آءِ اڳ به پاڻ عدالتن ۾ پيش ٿي چڪو آهي، سندس موجودگي ۾ دليل ڏيڻ چاهيون ٿا. جنهن تي مئجسٽريٽ چيو ته حاضري ضمانت لاءِ ضروري آهي، درخواست پيش ڪرڻ لاءِ نه. سڀ کان پهريان پي ٽي آءِ جي باني جي بريت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.بعد ۾ عمران خان جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت سندن بريت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جنهن بعد ڪجهه دير کانپوءِ بريت واري درخواست منظور ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو