ڪراچي (رپورٽر): ڪراچي جي علائقي لانڍي شاهه لطيف ٽائون ۾ تيز رفتار ڪار موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻي ڇڏيو.ريسڪيو عملدارن موجب حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار شخص موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته 2 ٻارڙا شديد زخمي ٿي پيا، جن کي ترت طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته حادثي کانپوءِ جوابدار ڊرائيور ڪار سميت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن جي گرفتاريءَ لاءِ ڳولا ۽ جاچ جاري آهي.










