لاس اينجلس، باهه تي ڪنٽرول نه ٿيو، فوتين جو انگ 24 ٿي ويو

لاس اينجلس، باهه تي ڪنٽرول نه ٿيو، فوتين جو انگ 24 ٿي ويو

لاس اينجلس(ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ اسٽارز جي شهر لاس اينجلس ۾ لڳ ڀڳ 6 ڏينهن گذرڻ باوجود صرف 11 سيڪڙو باهه تي ضابطو آندو ويو آهي ۽ ماهرن جو اندازو آهي ته باهه تي مڪمل طور تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪيترائي هفتا لڳي سگهن ٿا. پرڏيهي خابرو اداري موجب خوفناڪ باهه سبب هيستائين مري ويلن جو انگ 24 ٿي ويو آهي ۽ 16 لاپتا آهن، جڏهن ته فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. آمريڪي ميڊيا موجب لاس اينجلس جي جنگلن ۾ گذريل هفتي جي بدترين باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ هزارين فائر فائٽر، سوين فائر انجڻ، واٽر ٽينڪر ۽ 60 جهاز ڪم ڪري رهيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب پئسفڪ پالسيڊس ۾ لڳل سڀ کان وڏي باهه 11 سيڪڙو ۽ ايٽون ۾ لڳل باهه تي 27 سيڪڙو ڪنٽرول آهي. ماهرن سومر کان اربع تائين تيز هوائن جي به وارننگ جاري ڪئي آهي. 6 ڏينهن کان جاري باهه سبب 40 هزار ايڪڙ ايراضي تي موجود هر شئي سڙي رک ٿي وئي آهي، 15 لک ماڻهو شهر ڇڏي ويا آهن ۽ 160 هزار ماڻهن کي لڏپلاڻ جو نوٽيس ڏنو ويو آهي. ان کان علاوه 50,000 کان وڌيڪ صارفين بجلي کان محروم آهن، ۽ نقصان جو اندازو 150 بلين ڊالر کان وڌيڪ آهي. ٻئي پاسي چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪيليفورنيا رياست شهر لاس اينجلس ۾ لڳل باهه کي آمريڪا جي تاريخ جو بدترين واقعو قرار ڏيندي مقامي انتظاميا تي ناڪامي جو الزام لڳايو آهي ۽ چيو آهي ته مناسب انتظام نه ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو