سکر(جيرام داس )مسلم ليگ ن جا ڪارڪن مرڪزي اڳواڻن خلاف ٿيندڙ سازشن واري عمل خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر سراپا احتجاج بڻجي ويا ، ڪارڪنن ضلعي صدر خورشيد احمد ميراڻي جي اڳواڻي ءَ ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن چيو ته مريم نواز ۽ ٻين اڳواڻن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين بدنام ڪيو ٿو وڃي. هن ن سپريم ڪورٽ جي جسٽس باقر جي فيصلي جو حوالو ڏيندي چيو ته نيب سياسي انجنيئرنگ ۾ ملوث آهي. احتجاج ۾ جنرل سيڪريٽري محمد اعظم خان ، سينيئر نائب صدر ، نائب صدر آغا عارف دراني ، انفارميشن سيڪريٽري گل حسن کوسو ، ڪوآرڊينيٽر عبدالفتاح ابرو ، جوائنٽ سيڪريٽري شيخ نظام جان ، فنانس سيڪريٽري سميت طفيل احمد شيخ ، نائب صدر احمد حسين ڀٽي ، خير بخش بروهي ، يونس راجپوت ، احمد حسين ڀٽي ، سينئر اڳواڻ محمد سليمان کوسو ، تعلقي روهڙي صدر فهيم گرگيج ، وزير علي شيخ ، سکر شهر جي آرگنائزر خالد آرائين ، عدنان راجپوت ، چوڌري مجاهد ، ربنواز مري۔ شير محمد الرو، عمر ميمن۔ ايڊووڪيٽ حسيب طاهر شيخ ۔اخلاق هاشمي۔بابو کوسو ۽ ٻيا ڪارڪن شامل هئا. ان موقعي تي ضلعي صدر خورشيد ميراڻي چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي سازش تحت (ن) ليگ جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز ۽ ٻين کي انتقامي ڪاروائين جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.










