قوم نئين اليڪشن جي تياري ڪري: عمر ايوب

قوم نئين اليڪشن جي تياري ڪري: عمر ايوب

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته قوم نئين عام چونڊن جي تياري ڪري، شهباز شريف جي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته 17 سيٽن واري حڪومت فارم 47 جي بيساکي تي بيٺل آهي هن چيو ته ملڪي مسئلن جو حل نيون عام چونڊون آهن، پي ٽي آءِ باني سڀاڻي پرامن احتجاج لاءِ چيو آهي حڪومت جون وايون بتال ٿي ويون آهن، حڪمران ٻڏي ويا آهن، ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس حڪومت خلاف چارج شيٽ هئي

پهنجو تبصرو موڪليو