ڪوٽڙي (رپورٽر): ڪوٽڙي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مقامي اڳواڻ شبير ساند جو سندس ئي اوطاق مان ڳلو ڪپيل رت ۾ ٻڏل لاش هٿ آيو آهي، جنهن بعد سڄي شهر ۽ سياسي حلقن ۾ سخت ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي. مليل ڄاڻ موجب، 40 ورهين جي شبير ساند جو لاش اوطاق ۾ پيل ڏسي وارثن پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پوليس لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ فوري طور تي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، مقتول جي وارثن واقعي کي بي رحماڻو قتل قرار ڏيندي چيو آهي ته شبير ساند کي سازش تحت نشانو بڻايو ويو آهي، حڪومت فوري طور تي جوابدارن کي گرفتار ڪري.اسان جي ڪنهن سان ڪا دشمني ناهي،نه ڪيس داخل ٿيو آهي نه ڪا گرفتاري ٿي آهي، ٻئي طرف قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ جو مطالبو ڪيو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مختلف ٽيمون جوڙي جاچ جو دائرو وسيع ڪيو ويو آهي ۽ تمام جلد قاتل قانون جي گرفت ۾ هوندا.










