قومي شاهراھ تي ڪار۽ڪوچ ۾ ٽڪر، 3 فوت،17زخمي

قومي شاهراھ تي ڪار۽ڪوچ ۾ ٽڪر، 3 فوت،17زخمي

خيرپور(سجاد علي ڪٻر)ٽنڊومستي قومي شاهراھ تي ڪار ۽ڪوچ جي وچ ۾  زوردار ٽڪر سان  3 ڄڻا فوت 17ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي  اسپتال داخل ڪيو ويو . قومي شاهراھ ڳوٺ ٻٽو چانڊيو وٽ ڪار جو ٽائربرسٽ ٿيڻ سبب  ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وئي ۽ ڪلٽيون کائي ٻئي طرف تيز رفتار ڪوچ سان ٽڪرائجي  وئي جنهن جي نتجي ۾ حق نواز , عبدالرحمان , مسمات ڀاگوند ۽ نينگري نائلا  ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏھن ته  17 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا , جن کي ٽنڊومستي پوليس ۽ مقامي ماڻھون کڻائي خيرپور ۽ گمبٽ اسپتال آندو جڏھن ته فوتين ۽ زخمين جي سڃاڻپ اڃا ڪونه ٿي سگهي آھي،پوليس

پهنجو تبصرو موڪليو