اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جا تفصيل ٻڌائيندي گهرو کاتي جي وزير شيخ رشيد چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ڏيڍ ڪلاڪ بريفنگ ڏني جنهن بعد آرمي چيف قمر جاويد باجوا سوالن جا جواب ڏنا. هن چيو ته ڏينهن جو 3وڳي شروع ٿيل سيشن رات 11 وڳي تائين هليو ۽ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 8 ڪلاڪ قومي سلامتي بابت سيشن هليو. ذريعن جو چوڻ آهي ته عيد کان اڳ هڪ ٻيو اهڙو سيشن ٿيندو. نماز، چاءِ ۽ کاڌي جا وقفا ٿيندا رهيا. اَي آر واءِ سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن وارا قومي سلامتي بابت هڪ پيچ تي فوج سان گڏ آهن. هن چيو ته ڪشمير، افغانستان، آمريڪا سميت تمام معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. اهو به ٻڌايو ته آخر آمريڪا ڇا ٿو چاهي؟ آمريڪا ۽ طالبان ۾ ڳالهيون ڪرائڻ، ڀارت سان ٿيل ڳالهين بابت به بريفنگ ڏني وئي. هڪ سوال تي هن چيو ته اسين امن لاءِ دنيا سان گڏ آهيون جنگ لاءِ ڪنهن جو ساٿ نه ڏينداسين. هن چيو ته لاهور ۾ حافظ سعيد جي گهر لڳ بم ڌماڪي ۾ ڀارت ملوث آهي اسان وٽ ثبوت موجود آهن. قومي اسمبلي ۾ افغانستان مان آمريڪي فوج جي نڪرڻ بعد پيدا ٿيندڙ صورتحال تي سياسي جماعتن کي پاڪ فوج پاران بريفنگ ڏني وئي. جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان شريڪ ناهي ميان شهباز شريف، بلاصل ڀٽو سميت سڀني سياس جماعتن جا ليڊر شريڪ آهن. آررمي چيف سميت فوجي قيادت به موجود آهي. بريفنگ ۾ پارليامينٽ ۾ نمائندگي رکندڙ سمورين پارٽين جا وفد شريڪ آهن.










