حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ قرت العين عرف عيني قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي،عدالت مقتولا جي مڙس جوابدار عمر ميمڻ کي ڦاهي ۽10لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي،15جولاءِ 2021 تي بئراج ڪالوني ۾ جوابدار پنهنجي زال قرت العين عرف عيني کي تشدد ڪري قتل ڪيو هو،لاڳيتو ڪيس جون ٻڌڻيون، عدالت 7 گواهن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو










