ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): وزير اطلاعات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته لڳي ٿو ته عمران خان کي پڙهيل لکيل ماڻهن جي ضرورت ناهي ان لاءِ فردوس شميم نقوي جھڙي پڙهيل لکيل انجنيئر کي هٽائي ڪري هڪ آئوٽ آف اسڪول حليم عادل جهڙي ٻار کي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر ڪيو آهي. حليم عادل سمجهي ٿو ته سيد مراد علي شاهه وزارت اعليٰ جي عھدي تان هٽي ويندا پر هو ياد رکن ته وزير اعليٰ سمورن لينڊ گريبرز کي سلاخن جي پويان موڪلي 2023 تائين پنهنجو مدو پورو ڪندا. اها ڳالهه هن حليم عادل شيخ جي بيان تي ويڊيو بيان ۾ ردعمل ڏيندي ڪيو، وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه چيو ته حيلم عادل، وزير اعليٰ سنڌ جي خلاف بيان بازي ڪري پنهنجو سياسي قد وڏو نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي ائين ڪرڻ سان ھن جا ڪرتوت لڪي نٿا سگهن. هن چيو ته ليڊر آف اپوزيشن ٿي ڪري حليم عادل سمجهي رهيا آهن ته هو پاڪستان جا اهم اڳواڻ بڻجي ويا آهن پر ھن کي چڱيءَ ريت خبر آهي ته ھن جي حيثيت ڇا آهي، وزير اطلاعات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته حليم عادل آفيسرن جي ترقين تي بيان بازي ڪري آفيسرن کي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي پر ھن کي خبر ھئڻ گهرجي ته ھن جي بليڪ ميلنگ ۾ آفيسر نه ايندا وزير اعليٰ سنڌ آفيسرن کي ميرٽ ۽ قانون جي مطابق ترقي ڏني آهي ۽ سموريون قانوني گھرجون پوريون ڪيون آهن وزير اطلاعات چيو ته عمران خان جي سموري ٽيم نااهلن تي ٻڌل آهي ۽ انهن جي ڪارڪردگي جي ڪري ئي ملڪ جو اهو اڄ حال آهي مهانگائي عوام جو جيئڻ ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي.










