فيلڊ مارشل ڀارت سان جنگ ۾ زبردست اڳواڻي ڪئي: مريم نواز

فيلڊ مارشل ڀارت سان جنگ ۾ زبردست اڳواڻي ڪئي: مريم نواز

لنڊن: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڀارت جي خلاف جنگ ۾ زبردست اڳواڻي فراهم ڪئي، هاڻ سموري دنيا پاڪستان جون ڳالهيون ٻڌي رهي آهي. لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مريم نواز چيو ته ڀارت جي حملي کان پوءِ جهڙي طرح پاڪستان جواب ڏنو انهي جو ڪريڊٽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت ۽ سموري هٿياربند فوج ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته ڀارت کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ دنيا هاڻ پاڪستان کي هڪ تبديل ٿيل رويي سان ڏسي رهي آهي. فيلڊ مارشل عاصم منير زبردست اڳواڻي فراهم ڪئي، هاڻ سموري دنيا پاڪستان جون ڳالهيون ٻڌي رهي آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز موجب پنجاب جي عوام طرفان جيڪو پيار مليو اهو ڪڏهن به سوچي نٿي سگهيس، ڪارڪردگي ۾ شهباز شريف جو رڪارڊ ناهي ٽوڙيو پر مان انهي جي ڏنل هدايتن تي عمل ڪندي آهيان.مريم نواز چيو ته فخر جوڳو مقام آهي ته پنجاب هاڻ گلوبل سطح تي وڃي رهيو آهي، پنجاب ۾ ڏيڍ سالن ۾ اهي ڪم ٿيا جن کي هاڻ گلوبل اسٽيج تي وٺي وڃي رهيا آهيون. پنجاب جي وزيراعليٰ وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ ڏوهن جي شرح هيٺ آئي آهي، عورتن پاڻ کي محفوظ سمجهي رهيون آهن. 51 سيڪڙو عورتون جيڪڏهن پنهنجو حصو نه وجهنديون ته پاڪستان ترقي ڪيئن ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته توهين جوڳا قانون ٺاهيا ويا آهن، هاڻ ڪنهن جي به توهين برداشت نه ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو