راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) فيلڊمارشل سيد عاصم منير ۽ گهرو وزير محسن نقوي جو وفد سان گڏ ايران جو 3 ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ٿي ويو آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ گهرو وزير محسن نقوي وفد سان گڏ ايران جو دورو مڪمل ڪيو جنهن جي دوران فيلڊ مارشل ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيزشڪيان سان ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل نيشنل اسيمبلي جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف، پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ خاتم الانبياءِ هيڊ ڪوارٽر جي ڪمانڊر ميجر جنرل علي عبدالله سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ مسلسل سفارتي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. فيلڊ مارشل ايراني قيادت ۽ عوام طرفان پرجوش مهمان نوازي تي ٿورو ادا ڪيو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب فيلڊ مارشل پاڪستان جي صدر، وزيراعظم ۽ عوام طرفان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. فيلڊ مارشل ٻنهي ملڪن جي تاريخي ۽ ڀائراڻه لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو










