فيصلي دوران جهيڙي ۾ هڪ فوت 3 زخمي ٿي پيا

نوشھرو فيروز (رپورٽ اسد علي عمراڻي )ڳوٺ مولھڻ ۾ ھلندڙ فيصلي دوران جھيڙو  ھڪ ڄڻو فوت ۽ ٽي زخمي ٿي پيا. رئيس غلام شبير مولھڻ جي سرپرستي ۾  ٿيندڙ تڳر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، لٺيون  ڪھاڙيون  لتون  ۽ مڪون لڳڻ ڪري جمعدار  سليمان تڳر  ٿڏي تي فوت لاش کي قانوني ڪاروائي لاء سول اسپتال نوشھرو فيروز آندو ويو جيڪو ڳوٺ ميوو تڳر جو رھواسي آھي. زخمين کي اسپتال ۾ داخل ڪري طبي امداد ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو