اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر خبردار ڪندي چيو ته ته جيڪڏهن عمران خان کي ڪجهه ٿيو ته پاڪستان ۾ ڪير به صورتحال تي ضابطو آڻي نه سگهندو.پي ٽي آءِ اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته فيصلو ڪندڙ ٻڌو، تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي ، اهو وقت فيصلن جو هوندو آهي، جيڪڏهن توهان فيصلا نه ڪندا ته تاريخ توهان کي معاف نه ڪندي. اسلام آباد ڪال بابت پڇيل سوال تي اسد عمر چيو ته خبر ناهي عمران خان اسلام آباد ڪڏهن سڏائيندو، وقت اچڻ تي عمران خان ڌرڻي بابت فيصلو ڪندو.هن چيو ته قوم اٿي بيٺي آهي، قوم فيصلو ڪيو آهي ته الله کانسواءِ ڪنهن جي اڳيان نه جهڪي، لانگ مارچ ۾ آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ ڪي پي ڪي مان ماڻهو اسلام آباد پهچندا، ان ۾ سنڌ کان علاوه بلوچستان ۽ بلوچستان جي به نمائندگي ڪئي ويندي.پي ٽي آءِ چيئرمين جي سڪيورٽي بابت پڇيل سوال تي اسد عمر چيو ته عمران خان جي سڪيورٽي جي مڪمل ذميواري حڪومت جي آهي، عمران خان کي ڪجهه به ٿيو ته پوءِ پاڪستان جون حالتون ڪير سنڀالي نه سگهندو.ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جي حوالي سان ڳالهائيندي اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته ڪراچي جا ماڻهو ايم ڪيو ايم کان پڇن ته وفاق گذريل سال ڪراچي کي ڪيتري بجلي فراهم ڪري رهيو هو ۽ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هاڻ ڪيتري بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي، ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کان پڇو ته ڪيئن؟ شهر سان ٿيندڙ زيادتين خلاف هنن ڪيترائي مظاهرا ڪيا.










