ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار فيروز خان سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ پنهنجي ٻي شادي جي خبرن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.فيروز خان فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي شادي جي لباس ۾ پنهنجي ٻئي زال سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي.”منهنجي زندگي ۾ ڀليڪار، خوبصورت ڇوڪري،“ هن تصوير جي ڪيپشن ڪئي.










