راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)سيڪيورٽي فورسز افغان طالبان جي ڊرون حملن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) چيو ته 13 مارچ تي افغان طالبان پاڪستان تي ڊرون حملا ڪيا، ڊرون کي انهن جي هدفن تائين پهچڻ کان اڳ ئي ڪيرائي ڇڏيو.آءِ ايس پي آر موجب، تباهه ٿيل ڊرون جي ملبي سبب ڪوئيٽا ۾ ٻه ٻار زخمي ٿيا، جڏهن ته ڪوهاٽ ۽ راولپنڊي ۾ هڪ هڪ شخص زخمي ٿيو.آءِ ايس پي آر حملي کي افغان طالبان پاران ماڻهن ۾ خوف پکيڙڻ جي گندي ڪوشش قرار ڏنو ۽ چيو ته عوام ۽ هٿياربند فوج افغانستان تي قبضو ڪندڙ ڀاڙي جي دهشتگرد مليشيا جي حقيقت کي ڄاڻي ٿي. آپريشن غضب الحق ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين دهشتگردن کي افغان سرزمين تان ختم نه ڪيو وڃي.آءِ ايس پي آر موجب، افغان سرزمين تان پيدا ٿيندڙ دهشتگردي ناقابل برداشت ۽ ناقابل قبول آهي، ۽ فورسز دهشتگردي ۽ ان جي سڀني شڪلن خلاف ثابت قدمي سان وڙهندي رهندي.










