فوج  ۽ منهنجي هوندي ڪوبه ملڪ کي نقصان نٿو پڄائي سگهي

فوج ۽ منهنجي هوندي ڪوبه ملڪ کي نقصان نٿو پڄائي سگهي

جهلم (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته شرم جي ڳالهه ناهي ته ملڪ جو سربراهه پرڏيهه ويو ۽ قرض گهريو.جهلم ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مان چوندو هيس ته اقتدار کان ٻاهر نڪتس ته وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندس ٻئي طرف، آئون سڄو ڏينهن آفيس ۾ بند هوس ۽ وزن وڌائي، عوام ڏانهن واپس وڃڻ جي انتظار ۾ هيس، عمران خان چيو ته ڊس انفو ليب پاڪ فوج ۽ مون کي نشانو بڻايو، جهلم ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو آيا، سڀ گڏجي پي ٽي آءِ جي مقابلي ۾ مينار پاڪستان تي ننڍو جلسو به نٿا ڪري سگهن. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته شهباز شريف کي شرم اچڻ گهرجي، منهنجو جيئڻ ۽ مرڻ پاڪستان ۾ آهي،شريف ڪرپٽ خاندان کي مشرف ٻاهر موڪليو معاهدي ڪري،شريف خاندان ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو ته معاهدي تي صحيحون نه ڪيون، نواز شريف جا ٻار، ملڪيتون ۽ ڪاروبار سڀ ٻاهر آهن،شهباز شريف آيو ۽ چيو ته ڀارت سان دوستي ڪرڻ چاهيان ٿو.هن چيو ته منهنجو سوال آهي ته هن ملڪ جو مقروض ڪنهن ڪيو ، ڪنهن هن ملڪ جو پيسو چوري ڪري پرڏيهه موڪليو، اهي چور هتان جو پيسو چوري ڪري پرڏيهه موڪلين، قوم متحد ٿي وڃي ته پوءِ ڪو مسئلو ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو