فواد چوڌري ۽ ٻين اسيمبلي ميمبرن خلاف داخل ڪيسن جو رڪارڊ طلب

فواد چوڌري ۽ ٻين اسيمبلي ميمبرن خلاف داخل ڪيسن جو رڪارڊ طلب

اسلام آباد (بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري ۽ ٻين کي حراسان ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي اسيمبلي ميمبرن خلاف داخل ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته اسپيڪر ڪهڙي رپورٽ ڏني آهي؟ اسپيڪر علي وزير کي ڇا ڪيو؟ هن وقت توهان سڀ درخواست گذار پارليامينٽ جا ميمبر آهيو، ڪالهه سپريم ڪورٽ به ان حوالي سان چيو هو.وڪيل فيصل چوڌري جواب ڏنو ته ها صاحب، ٽيڪنيڪل طور تي ائين آهي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته اها ٽيڪنيڪل ڳالهه ناهي، توهان ميمبر آهيو، توهان جي ذميواري آهي ته پارليامينٽ ۾ وڃو ۽ ڊي نوٽيفڪيشن تائين تڪ جي عوامي مسئلن تي بحث ڪيو.وڪيل فيصل چوڌري چيو ته اسلام آباد ٽول پلازه کان پارليامينٽ وڃڻ آسان ناهي، توهين رسالت، غداري ۽ دهشتگردي جي ڪيسن مان گذرڻو پوندو آهي.چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪڏهن اهي مسئلا سياسي طريقي سان حل نه ٿيا ته ملڪ ۾ افراتفري پيدا ٿي ويندي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسيمبلي ميمبرن خلاف داخل ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.چيف جسٽس اطهر من الله هدايت ڪئي ته گهرو سيڪريٽري 3 هفتن ۾ رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪري، جيڪڏهن رڪارڊ پيش نه ٿيو ته گهرو سيڪريٽري پاڻ پيش ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو