فواد چوڌري جي گرفتاري، انتظاميه کان 3 ايم پي او جو حڪم طلب

فواد چوڌري جي گرفتاري، انتظاميه کان 3 ايم پي او جو حڪم طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِڪورٽ پي ٽي آئي اڳاوڻ فواد چوڌري جي گرفتاري جي معاملي تي انتظاميه کان ٽي ايم پي او جو حڪم طلب ڪري ورتو تفصيل مطابق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ فواد چوڌري جي گرفتاري بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي عدالت انتظاميه کان 3 ايم پي او جو حڪم طلب ڪري ورتو چيف جسٽس عامر فاروق ٻڌڻي ڪئي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هڪ ڪلاڪ کان پوءِهن معاملي کي ٽيڪ اپ ڪنداسين چيف جسٽس نعيم پنجوٿا سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت تائين اوهان جو ميڊيڪل ڇو نه پيو ٿئي نعيم پنجوٿا چيو ته چيڪ اپ ٿي ويو هو رپورٽ نه پئي ڏني وڃي ڊي ايس پي ليگل عدالت ۾ بيان ڏنو ته فواد چوڌري کي ٽي ايم پي او تحت تحويل ۾ورتو ويو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انتظاميه کان ٽي ايم پي او جو حڪم طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو