فواد چوڌري جي زال ۽ ڀاءُ ۾ جهيڙو ’بڪ بڪ بند ڪر‘

فواد چوڌري جي زال ۽ ڀاءُ ۾ جهيڙو ’بڪ بڪ بند ڪر‘

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي گهرواري حبا چوڌري ۽ سندس ڀاءُ ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر منهن ماري ۽ بدڪلامي جو واقعو پيش آيو آهي. فواد چوڌري ترقياتي رٿائڻ ۾ مبينه ڪرپشن جي ڪيس ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو ته ان موقعي تي تلخ ڪلامي جو واقعو ٿيو. فيصل چوڌري ساٿي وڪيل قيصر امام سان ڪيس بابت ڳالهائي رهيو هو ته حبا چوڌري کيس چيو ته ڪو سٺو وڪيل ڪريو، اوهان جونيئر وڪيل ڪري ڪيس ٿا خراب ڪريو. جنهن تي فيصل چوڌري کيس چيو ته قيصر امام بهترين وڪيل آهي، هن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو، توهان گهڻي بڪ بڪ نه ڪريو. جنهن تي حبا چيس تون هر وقت هر ڪنهن سان بڪ بڪ ڪندو آهين. ان دوران فواد چوڌري پنهنجي زال جي وات تي هٿ رکي کيس چپ ڪرائن جي ڪوشش ڪئي. جنهن تي زال کيس ڏکاري لهجي ۾ چيو ته توهان به فيصل سان ملي ويا آهيو؟ جنهن تي فيصل چوڌري کيس چيو ته بڪواس بند ڪر ۽ بزرگن سان ڳالهائڻ جي تميز سکو. جنهن تي حبا چيس ته بزرگن کي اهو ڪردار به نڀائڻ گهرجي، تون گهڻي بڪواس پيو ڪرين. ان دوران فواد چوڌري جو مامون فيصل کي ٻانهن کان وٺي عدالت کان ٻاهر وٺي ويو. جنهن تي فواد چوڌري چيو ته يار فيصل جڏهن به اچين ٿو ته ڪو نه ڪو پنگو ٿئي ٿو. ياد رهي ته ان کان اڳ ۾ به فواد جي پهريون ڀيرو ٿيل گرفتاري وقت به عدالت ۾ حبا ۽ فيصل ۾ جهيڙو ٿيو هو ۽ حبا مٿس الزام لڳايو هو ته تون چاهين ئي نٿو ته فواد ٻاهر اچي. ياد رهي ته فواد چوڌري جي وزارت وارن ڏينهن۾ فيصل چوڌري نجي ۽ اهم ماڻهن سان ملي معاملا طئي ڪندو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو