ممبئي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي ٽي وي ۽ فلم انڊسٽري جو مشهور اداڪار ۽ ماڊل فواد خان 8 سالن کانپوءِ بالي ووڊ ۾ ٻيهر انٽري ڪرڻ لاءِ تيار آهي.ياد رهي ته هن هفتي فلم فيئر ڊاٽ پي ڪي پاران دعويٰ ڪئي وئي هئي ته فواد خان بالي ووڊ جي حسينه واني ڪپور سان هڪ نئين پروجيڪٽ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. پاڪستان جي ٽي وي ۽ فلم انڊسٽري جو مشهور اداڪار ۽ ماڊل فواد خان 8 سالن کانپوءِ بالي ووڊ ۾ ٻيهر انٽري ڪرڻ لاءِ تيار آهي.ياد رهي ته هن هفتي فلم فيئر ڊاٽ پي ڪي پاران دعويٰ ڪئي وئي هئي ته فواد خان بالي ووڊ جي حسينه واني ڪپور سان هڪ نئين پروجيڪٽ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.فواد ۽ واني جي نئين فلم بابت هن وقت تائين گهٽ ڄاڻ سامهون آئي آهي، جنهن جو وڏو سبب ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ آهي.ڀارتي ميڊيا موجب فواد خان نه رڳو واني ڪپور سان گڏ نئين پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي پر کيس بالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر ڪاميڊي ۽ هارر فلم ’ڀول ڀاليان 3‘ لاءِ اپروو ڪيو ويو آهي.










