فلسطين کي مڃڻ تائين ابراهيمي معاهدي تي لچڪ نه ڏيکارينداسين

فلسطين کي مڃڻ تائين ابراهيمي معاهدي تي لچڪ نه ڏيکارينداسين

واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار واضح ڪيو آهي ته ابراهيمي معاهدي بابت افواهون گردش ڪري ڇڏيون آهن پر پاڪستان فلسطين جي معاملي تي پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي، فلسطين کي مڃڻ تائين ابراهيمي معاهدي تي ڪنهن به قسم جي لچڪ نه ڏيکاري ويندي.واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جو موقف واضح آهي ته جيستائين 1967ع کان پهريان جي سرحدن موجب ۽ القدس الشريف کي راڄڌاني بنائي فلسطيني رياست کي مڃيو نٿو وڃي، انهي وقت تائين پاڪستان پنهنجي موقف ۾ ڪنهن به قسم جي لچڪ نه ڏيکاريندو.هن چيو ته پاڪستان امن جو معمار آهي ۽ عالمي سطح تي ايران آمريڪا ڳالهين ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اسحاق ڊار موجب پاڪستان آمريڪا ۽ ايران کي تقريبن 47 سالن کان پوءِ ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۽ شروعاتي رابطن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ پاڪستان کي عالمي سطح تي نئين سڃاڻپ ملي آهي، ڀارت جي پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ جون ڪوششون ناڪام ٿي چڪيون آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪور وبيو سان ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي جنهن ۾ پاڪستاني سفير ۽ پرڏيهي وزارت جون ٻيون اختياريون به موجود هيون.فلسطين ۽ ڪشمير جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حق خود اراديت ملڻ گهرجي، پاڪستان ٻنهي مسئلن تي پنهنجي موقف تي قائم آهي.ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تازي بيان ۾ چيو هو ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ معاهدي کان پوءِ مسلمان ملڪ خاص طور تي سعودي عرب، قطر ۽ پاڪستان کي ابراهيمي معاهدي جو حصو بنجڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو