اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومتي ڳالهين واري ٽيم جي ميمبر ڪشور زهرا جو چوڻ آهي ته پي ٽي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جو ڳالهين کان انڪار جمهوريت جي خوبصورت نشاني آهي.اها ڳالهه حڪومتي ڳالهين واري ٽيم جي ميمبر ڪشور زهرا ميڊيا سان خصوصي ڳالهه ٻولهه دوران چئي.سندس چوڻ هو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جون ڳالهيون سٺي نموني سان ڪم ڪري رهيون آهن.ڪشور زهرا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته حڪومت ڳالهين لاءِ تيار آهي.حڪومتي ڳالهين واري ٽيم جي ميمبر جو اهو به چوڻ آهي ته اتحادي حڪومت جي حڪمت عملي ملڪ کي بچائڻ آهي.










