ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي جي گهر تي اينٽي ڪرپشن جي ڇاپي ۽ دٻاءُ وجهڻ خلاف داخل درخواست تي اينٽي ڪرپشن کي قانون مطابق انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست جي ٻڌڻي دوران اينٽي ڪرپشن جو جاچ آفيسر پيش ٿيو، جاچ آفيسر شعيب ٻڌايو ته انڪوائري ۾ فردوس شميم نقوي جو بيان رڪارڊ ڪرائڻا آهن، چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ريمارڪس ڏيندي چيو ته بيان رڪارڊ ڪرڻو آهي ته سندس گهر هليا ويندئو، خدا جو ڪو خوف ڪريو، هو اڳ ئي ڪينسر جو مريض آهي، توهان کي رب آڏو به جواب ڏيڻو آهي. جبران ناصر ايڊووڪيٽ ٻڌايو ته اينٽي ڪرپشن پاران فردوس شميم نقوي جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو ۽ اها انڪوائري پراڻي آهي، جنهن ۾ فردوس شميم نقوي جو بيان رڪارڊ ڪرڻو هو، عدالت اينٽي ڪرپشن کي قانون مطابق انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي درخواست اڪلائي ڇڏي.










