ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا اميشا پٽيل چيڪ بائونس ڪيس ۾ رانچي جي سول ڪورٽ ۾ سرنڈر ڪري ڇڏيو.ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ اداڪارا اميشا پٽيل جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ کانپوءِ سينيئر ڊويزن جي جج ڊي اين شڪلا اداڪارا جي ضمانت منظور ڪندي کيس 21 جون تي ٻيهر ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.










