فائز عيسيٰ تي حملي جي جاچ لاءِ ڪا شڪايت ناهي ملي

فائز عيسيٰ تي حملي جي جاچ لاءِ ڪا شڪايت ناهي ملي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) لنڊن پوليس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان جي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ڪار تي گذريل هفتي پي ٽي آءِ جي حامين پاران ڪيل حملي جي اڃا تائين ڪا لکت ۾ شڪايت ناهي ملي. ڊان اخبار جي رپورٽ موجب هنن پاران پوليس ترجمان کان ان ڏس ۾ ڪيل سوال جي جواب ۾ پوليس ترجمان کين ٻڌايو ته واقعو سندن نوٽيس ۾ آهي پر کين ڪنهنجي پاران به ڪا شڪايت ناهي ملي. ياد رهي ته مڊل ٽيمپل ۾ واقع دنيا جي قانون واري بهترين يونيورسٽي ۾ خطاب بعد 29 آڪٽوبر تي واپس ويندي قاضي فائز عيسيٰ جي گاڏي تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن لتون ۽ مڪون وسايون هيون. جنهن بعد پاڪستان هاءِ ڪميشن ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو. پاڪستان حڪومت حملي ۾ ملوث ماڻهن جا شناختي ڪارد ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪندي سندن مائٽن کي پاڪستان ۾ گرفتار به ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو