بشريٰ بي بي سان عمران خان جو پهريون نڪاح غير شرعي هو

بشريٰ بي بي سان عمران خان جو پهريون نڪاح غير شرعي هو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان ۽ سندس گهر واري بشرا بي بي جو نڪاح پڙهائيندڙ مفتي محمد سعيد احمد اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ بيان ڏنو آهي ته عمران خان جو پهريون نڪاح غير شرعي ۽ غير قانوني هو، عمران ۽ بشرا بي بي سڀ ڪجهه ڄاڻندي عدت دوران مون کان نڪاح پڙهايو ڇو ته عمران خان کي ڪنهن چيو هو ته بشريٰ بي بي سان نڪاح ڪرڻ بعد هو وزيرعاظم بڻجي سگهجي ٿو. مفتي محمد سعيد احمد پنهنجي وڪيل راجا رضوان عباسي سان گڏ ڪورٽ روم پهتو، جتي هن بيان رڪارڊ ڪرايو ۽ چيو ته پهرين جنوري 2018 تي عمران خان مون سان فون تي رابطو ڪيو. بيان ۾ هن چيو آهي ته عمران خان سان سٺا لاڳاپا هئا، مان سندن ڪور ڪميٽي جو ميمبر هئس. عمران خان مون کي چيوته منهنجو نڪاح بشريٰ بي بي سان پڙهايو، نڪاح لاءِ لاهور اچ. بيان رڪارڊ ڪرائيندي مفتي محمد سعيد خان چيو ته بشرا بي بي سان گڏ هڪ عورت پاڻ کي بشريٰ بي بي جي ڀيڻ ظاهر ڪيو ۽ ان عورت چيو ته بشريٰ بي بي جي شادي جون سموريون شرعي شرطون پوريون آهن، عمران خان ۽ بشرا بي بي جي شادي ٿي سگهي ٿي. بيان ۾ مفتي محمد سعيد خان چيو آهي ته پهرين جنوري 2018ع تي هن عورت جي ڳالهه تي عمران خان ۽ بشرا بي بي جو نڪاح پڙهايو. جنهن بعد فيبروري 2018ع ۾ عمران خان مون سان ٻيهر رابطو ڪيو ۽ درخواست ڪئي ته بشرا بي بي سان ٻيهر نڪاح ڪرڻو آهي ڇو ته پهرين نڪاح وقت سندس عدت جي مدت پوري نه ٿي هئي. نومبر 2017 ۾ بشرا بي بي کي طلاق ٿي وئي هئي.عدالت ۾ رڪارڊ ڪرايل بيان ۾ مفتي محمد سعيد خان چيو آهي ته عمران خان مون کي ٻڌايو ته بشريٰ بي بي اڳڪٿي ڪئي هئي ته هو ساڻس شادي ڪندو ته وزيراعظم ٿيندو، عمران خان چيو ته پهرين شادي غير قانوني هئي. مفتي محمد سعيد خان عدالت ۾ ڏنل بيان ۾ اهو به چيو آهي ته عمران خان ۽ بشرا بي بي نڪاح جي تقريب منعقد ڪئي، ان کي خبر هئي ته عمران خان ۽ بشرا بي بي جو نڪاح غير قانوني آهي، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو نڪاح خوان جو بيان رڪارڊ ٿيڻ بعد عدالت 28 اپريل تي درخواست ٻڌڻي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. ايندڙ ٻڌڻي تي درخواستگذار جو وڪيل پيش ٿي ڪيس جي ٻڌڻي جوڳو هجڻ تي دليل ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو