نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ)شاهه ڪاٽن فيڪٽري ۾( پي، سي، جي، اي ) پروگريسو گروپ جي ڪاٽن جنرس اڳواڻن جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ نوشهري فيروز ۽ خيرپور ضلعن جي ڪاٽن جنرس شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي عبدالستار ميمڻ ، پريم چند ڪوهستاني ، حاجي نثار علي ميمڻ ونود ڪمار ۽ ٻين چيو ته ملڪ ۾ هن وقت 600 کان مٿي ڪپهه جا ڪارخانا سخت بحران جي نتيجي ۾ بند ٿي ويا آهن ۽ ملڪ ۾ ڪپهه جا ڪارخانه معاشي بحران جو شڪار ٿي ويا ، حڪومت پاران لڳايل15 ارب ٽرن اور ٽيڪس ۽ 17 پرسنٽ خام مال تي لڳايل سيلز ٽيڪس ۽ مختلف ٽيڪسز سبب نه رڳو ڪارخانه متاثر ٿيا آهن پر هزارين ڪم ڪندڙ مزدور پڻ بيروزگار ٿي ويا آهن ، سال اڳ ملڪ ۾ ڏيڊ ڪروڙ کان مٿي ڪپهه جون ڳٺڙيون تيار ٿينديو ن هيو ن جيڪي هاڻي گهٽ ٿي 56 لک ڳٺڙين تي پهتيون آهن ، جنهن جو وڏو ڪارڻ ملڪ ۾ ووئڻن جا غير معياري ٻج ۽ دوائون ( پسٽيسائيڊس ) آهن ، جڏهن ته ملڪ اندر لڳاتار ڪورونا وائرس جي لاڪ ڊائون سبب به ڪاٽن انڊسٽري سخت بحران ۾ پئجي وئي آهي ملڪ جي 1280 ڪاٽن ڪارخانن مان 50 سيڪڙو ڪارخانه مڪمل طور بند ٿي ويا آهن ، هنن ( پي ، سي جي اي ) ڪارخانيدارن جي گڏيل تنظيم تي الزام هنيو ته هو ان ڏس ۾ حڪومتي ڌرين سان ڪي به گڏجاڻيون نه ڪري سگهيا آهن ڪاٽن انڊسٽري کي بحران ۾ ڌڪڻ جي ذميوار ( پي سي جي اي ) آهي جيڪا هن وقت ڪارخانيدارن جي ڪنهن به مسئلي کي حڪومتي سطح تي سامهون آڻڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي ملڪ جون ٽيڪسٽائيل انڊسٽريون ڪپهه جون لکين ڳٺڙيون ٻاهرين ملڪن مان امپورٽ ڪن ٿيو ن جڏهن ته ٽيڪسٽائيل ملز جي کپت جيتري ڪپهه پنهنجي ملڪ ۾ تيار ٿيندي آهي جيڪا هاڻي بحران جي ور چڙهي وئي آهي ، هنن وفاقي حڪومت وزير اعظم پاڪستان عمران خان کان گهر ڪئي ته ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکندڙ ڪاٽن انڊسٽري کي بچائي فل فور لڳايل ٽيڪسز واپس ورتا وڃن جيئن ڪاٽن جنرس هن سخت بحران مان نڪري پنهنجا ڪارخانا هلائين ۽ هزارين بيروز گار ٿيندڙ مزدورن جي خاندانن کي فاڪه ڪشي ءَ کان بچائي سگهجي ، هنن چيو ڪاٽن جا ٻڄ ٻاهران ايڪسپورٽ ڪيا وڃن مقامي ٻجن سبب ڪپهه جي ڪوالٽي سخت متاثر ٿي آهي ، هنن اڳواڻن اجلاس کي خطاب ڪندي فيصلو ڪيو ته ڪاٽن انڊسٽري کي بحران مان نه ڪڍيو ويو ۽ لڳايل ٽيڪسز واپس نه ورتا ويا ته ملڪ گير هڙتال ڪري فيڪٽرين کي مڪمل تا لا بندي ڪنداسين جنهن جا زميوار ( پي سي جي اي ) اڳواڻ ۽ وفاقي حڪومت هوندي ،










