اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پرڏيهي وزير اسحاق ڊار غزه ۾ جنگ بندي تي سختي سان عمل ڪرائڻ ۽ فوري طور تي تعمير نو جو مطالبو ڪيو آهي.پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جده ۾ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غير معمولي اجلاس کي خطاب ڪندي فلسطيني مقصد کي فروغ ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو آهي.پرڏيهي وزير اسحاق ڊار اسرائيل جي قبضي هيٺ اولهه ڪناري کي رياستي زمين بڻائڻ جي قدمن جي سخت مذمت ڪئي آهي.هن چيو آهي ته او آءِ سي کي اسرائيلي قدمن کي واپس وٺڻ کي يقيني بڻائڻ گهرجي، جيڪي عملي طور تي الحاق جي مترادف آهن.اسحاق ڊار 1967 جي سرحدن ۽ القدس الشريف کي گاديءَ جو هنڌ قرار ڏيندي هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام جو به مطالبو ڪيو.پرڏيهي وزير اسحاق ڊار اهو به چيو آهي ته او آءِ سي کي ڪشميري عوام جي خود اراديت جي حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن.










