اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان چيو آهي ته اسرائيل جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهي، پاڪستان حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جي قتل جي سخت مذمت ڪري ٿو.اسلام آباد ۾ هفتيوار پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان کي غزه جي صورتحال تي ڳڻتي آهي.هن چيو ته پاڪستان حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جي قتل جي سخت مذمت ڪري ٿو، اسان جون دلي همدرديون اسماعيل هنيه جي خاندان ۽ فلسطيني عوام سان آهن.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته افغانستان مان پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ ٻين تنظيمن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، تحريڪ طالبان پاڪستان کي افغانستان اندران حمايت حاصل آهي.ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ڪشميري ڀائرن لاءِ آواز اٿاريندو رهندو جيستائين 5 آگسٽ کي والاريل ڪشمير جي تاريخ جي ڪارو ڏينهن طور ملهايو ويندو.










