لنڊن(ويب ڊيسڪ) بي بي سي جي رپورٽ موجب اسرائيل 100 امدادي ٽرڪن کي اجاز ڏني آهي پر انهن جي نگراني ۽ ڪليئرنس ۾ ڪيترا ڪلاڪ لڳي رهيا آهن. روڊ تي فوجي چر پر سبب پڻ رش آهي ۽ سامان غز نيڻ ۾ دير لڳي سگهي ٿي. گ_يل قومن جي نمائندي جو چوڻ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 600 امدادي ٽرڪون روز موڪلڻ بعد ئي تباهي کان بچي سگهجي ٿو. برطانيا جي پرڏيهي سيڪريٽري هائوس آف ڪامنز م بيان ڏيندي اسرائيل سان فري ٽريڊ لاءِ ڳالهيون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو، اسرائيل جي جنگ جي حامي ٻن ٽنظيمن ۽ اهم فردن تي ٽريول پابنديون مڙهيون آهن. هن چيو ته نيتن ياهو اسرائيل جي بطور رياست اميج خراب ڪري رهيو آهي. برطانيا ۾ اسرائيلي سفير کي طلب ڪري ٻن مهينن کان امدادي سامان موڪلڻ تي پابندي خلاف احتجاج ڪيو ويو آهي. برطانيا جو چوڻ آهي ته اسين هڪ اونداهي دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، غزا ۾ انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو. اسرائيل جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان برطانوي پابنديون رد ڪندي چيو آهي ته عالمي دٻاءَ سبب اسرائيل پنهنجي مقصد تان پوئتي نه هٽندو. ان کان اڳ برطانيا، فرانس ۽ ڪئناڊا اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هن غزہ ۾ پنهنجي فوجي ڪارروائين جي “انتھائي خطرناڪ” واڌ کي جاري رکيو، ته سندس خلاف ٺوس قدم کنيا ويندا. سر ڪير اسٽارمر، فرانسيسي ۽ ڪئناڊين اڳواڻن سان گڏ اسرائيلي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها “فوجي ڪارروائيون فوري طور بند ڪري” ۽ “انساني امداد کي غزہ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏئي.” 2 مارچ کان وٺي غزہ ۾ ڪا به خوراڪ، تيل يا دوا داخل ٿيڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. جنهن بابت گڏيل قومن اڳ ۾ ئي خبردار ڪيو هو ته اها صورتحال فلسطيني آبادي تي “تباه ڪن اثر” وجهي رهي آهي. اسرائيل جي وزيراعظم بينيامين نيتن ياهو جواب ڏيندي چيو آهي ته انهن ٽنهي اڳواڻن غزه جي جنگ ۾ “حماس لاءِ هڪ وڏو انعام” پيش ڪيو آهي. آچر ڏينهن نيتن ياهو چيو ته سندس ملڪ 11 هفتن جي ناڪابندي کان پوءِ “بنيادي خوراڪ جو محدود مقدار” کي علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيندو، پر ان جو ارادو آهي ته “پوري طرح غزہ تي ڪنٽرول حاصل ڪري.” انهن ٽنهي مغربي اڳواڻن هن قدم کي “سراسر اڻپورو” قرار ڏنو، ڇاڪاڻ ته “عام شهري آبادي لاءِ ضروري انساني امداد کان انڪار ناقابل قبول آهي ۽ ان سان بين الاقوامي انساني قانون جي ڀڃڪڙي جو خطرو آهي.” هنن وڌيڪ چيو ته غزہ ۾ تڪليفن جي سطح “ناقابل برداشت” ٿي چڪي آهي. انهن ان “نفرت انگيز ٻوليءَ” جي به مذمت ڪئي جيڪا تازو ئي اسرائيلي حڪومت جي ڪجهه ميمبرن استعمال ڪئي، جن جو چوڻ هو ته غزہ جي تباهيءَ سبب مايوس ٿيندڙ عام شهري ٻئي جڳهه منتقل ٿيڻ شروع ٿيندا. هنن زور ڏنو ته “مستقل جبري لڏپلاڻ، بين الاقوامي انساني قانون جي ڀڃڪڙي آهي.” اقوام متحده جي انساني امداد جي سربراهه ٽام فليچر، جيڪو اڳوڻو برطانوي سفير آهي، چيو ته جيتري تعداد ۾ اسرائيل امداد کڻي ايندڙ ٽرڪن کي اجازت ڏني آهي اهو انگ “گهربل مقدار کان سمنڊ جي هڪ ڦڙي برابر آهي.” ٽنهي ملڪن جي اڳواڻن گڏيل بيان م چيو آهي ته “اسان هميشه اسرائيل جي ان حق جي حمايت ڪئي آهي ته اهو دهشتگردي خلاف پنهنجن شهرين جو دفاع ڪري. پر هي واڌارو سراسر غيرمتناسب آهي.” برطانوي وزيراعظم سر ڪير، فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪران ۽ ڪئناڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني اهو به مطالبو ڪيو ته حماس فوراً باقي يرغمال بڻايل ماڻهن کي آزاد ڪري، جيڪي 7 آڪٽوبر 2023 تي ڏکڻ اسرائيل تي “هولناڪ حملي” دوران اغوا ڪيا ويا هئا. غزہ جي جنگ جو آغاز حماس جي قيادت هيٺ ٿيندڙ ان حملي کان ٿيو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 1,200 ماڻهو ماريا ويا ۽ 251 ماڻهن کي يرغمال بڻايو ويو. تقريباً 58 يرغمالي اڃا تائين غزہ ۾ موجود آهن، جن مان اندازي موجب 23 ماڻهو زنده هجڻ جو امڪان آهي. غزہ جي صحت واري وزارت، جيڪا حماس هلائي ٿي، چيو آهي ته اسرائيل جي فوجي مهم دوران 53,000 کان وڌيڪ فلسطيني ماريا ويا آهن. برطانيا، فرانس ۽ ڪئناڊا جي گڏيل بيان ۾ جنگبندي جي حمايت ۽ “ٻه رياستي حل” جي لاڳو ٿيڻ جي به ڳالهه ڪئي وئي، جنهن تحت هڪ آزاد فلسطيني رياست اسرائيل جي ڀرسان موجود هوندي. نِيتن ياهو ان تجويز کي رد ڪندي چيو: “اسرائيل کي چيو پيو وڃي ته اها پنهنجي بچاءُ جي جنگ کي ختم ڪري، جڏهن ته حماس جا دهشتگرد اڃا تائين سرحد تي موجود آهن ۽ فلسطيني رياست جو مطالبو ڪري، لنڊن، اوٽاوا ۽ پيرس جا اڳواڻ 7 آڪٽوبر جي نسل ڪشي واري حملي لاءِ هڪ وڏو انعام ڏئي رهيا آهن ۽ اهڙي وڌيڪ ظلمن کي دعوت ڏئي رهيا آهن.” هن يورپ جي سڀني اڳواڻن کي به سڏ ڏنو ته اهي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي “نظريي” يعني فلسطيني غزه خالي ڪري ٻين ملڪن ۾ هليا وڃن، جيئن هي تڪرار ختم ٿي سگهي.










