غزا مان 10 لک ماڻهن جي لڏ پلاڻ، بدترين انساني بحران

غزا مان 10 لک ماڻهن جي لڏ پلاڻ، بدترين انساني بحران

عزه(ويب ڊيسڪ) اسرائيلي چتاءَ بعد 10 لک کان مٿي فلسطيني غزا شهر خالي ڪري ڀرپاسي جي خان يونس ۽ ٻين شهرن ڏانهن لڏپلاڻ جاري آهي. ڪارن، بسن، ٽرڪن، اٺ گاڏن، گهوڙي ۽ گڏهه گاڏين ۾ فلسطيني غزه خال ڇڏي رهيا آهن. ڪيترائي لاچار ۽ مجبور ماڻهو پيرين پنڌ پيا هلن. 4 لک جي آبادي واري شهر خان يونس ۾ 6 لک کان مٿي فلسطيني پهچي ويا آهن.

Photo Courtesy BBC

مصر رفاح واري سرحد بند ڪري ڇڏي آهي ۽ سرحد کان 20 ڪلوميٽر پري لکين فلسطيني قطارن ۾ آهن. اکين ڏٺن شاهدن ۽ مقامي صحافين جو چوڻ آهي ته اهڙيون حالتون ماضي جي 4 جنگين ۾ ڪڏهن نه هيون. خان يونس ۾ اسپتالون، اسڪول، ڪاريڊور، پارڪ گهر ڀرجي ويا آهن. ماڻهن وٽ کاڌي ۽ پاڻي جي شديد قلت آهي، اسپتالڻ ۾ واٽر راشننگ شروع ٿي وئي آهي ۽ في مريض کي 24 ڪلاڪن ۾ 300 ملي لٽر پاڻي ڏنو پيو وڃي. مقامي صحافين موجب پهريون ڀيرو ماڻهو بک ۽ اڃ سبب مري رهيا آهن. آچر تي غزه ۾ اسرائيل جي بمباري جاري رهي نيشنل اسپتال تي به بمباري ڪئي جنهن سبب ڪيترا مريض ۽ داڪٽر به مارجي ويا آهن. اسرائيل جي زميني حملن لاءِ پيش قدمي جاري آهي، ايران خبردار ڪيو آهي ته غزه تي زميني حملي سان جنگ پوري خطي ۾ ڦهلجي سگهي ٿي.

Photo courtesy BBC

اسرائيلي شيبا فارمز واري علائقي ۾ حزب الله جا لبنان کان حملا جاري آهن ۽ اسرائيل لبنان جي سرحدي ڳوٺن ۾ رهندڙ پنهنجي شهرين کي 4 ڪلوميٽر پري بفر زون جي ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو آهي. آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري اينٽون بلنڪن سعودي ولي عهد سان ملاقات بعد سڀاڻي ٻيهر اسرائيل پهچندو. آمريڪي وائيٽ هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڏکڻ غزا جو پاڻي بحال ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو