خانپور ( ن س ) خانپور ويجهو اڳوڻي صوبائي وزير تحريڪ انصاف جي صوبائي اڳواڻ مير غالب خان ڊومڪي جي گاڏي مٿان ڏوھارين جي فائرنگ ۾ 2 محافظ مارجي ويا، مير پاڻ ، سندس گهرواري ۽ پوٽو زخمي ٿي پيا آهن. سندس هڪ گارڊ به زخمي آهي. محافظن جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڌاڙيل به مارجي ويو ۽ 3 ڌاڙيل زخمي ٿي پيا آهن. مير ويجهي عزيز جي فوتگي جي اطلاع تي فيملي سميت سکر کان بخشاپور اچي رهيو هو ته ڌاڙيلن سندس گاڏي کي بيهن جو اشارو ڪيو ۽ گاڏي نه روڪن تي سڌي فائرنگ ڪئي. حملي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب حسين ڊومڪي جا ٻه محافظ سالار ۽ الله بخش ڊومڪي مزاحمت تي موقعي تي مارجي ويا.

ساڄي کان پهرين نمبر تي مارجي ويل ڌاڙيل نادر ميراڻي، هيڊي ٽوپي وارو
الله بخش ۽ ٻئي گارڊ سالار جي حياتي جون تصويرون
اطلاع تي پوليس رينجرس ۽ ڊومڪي برادري جا سوين ماڻھو واقعي واري ھنڌ پھچي ويا . مقتول محافظن جا مڙھ خانپور اسپتال منتقل ڪيا ويا جيڪي ضروري ڪاروائي بعد سندن وارث الهداد ڊومڪي اباڻي ڳوٺ ميرحسن شاهه کڻائي ويو. هن چيو ته مارجي ويل منهنجو ڀاڻيجو ۽ پوٽو شامل آهن، جن سردار تان جان قربان ڪئي. مير غالب خان ۽ سندس زخمي گارد مراد علي سکر جي نجي اسپتال ۾ داخل آهن. محافظن جي جوابي فائرنگ ۾ پوليس موجب ڏوھاري نادر ميراڻي مارجي ويو آهي. واقعي بعد پوليس جا اٽالا پھچي ويا ۽ علائقي جو سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي، علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇانيل آهي. مير غالب ڊومڪي جي ڀائٽي معظم خان ڊومڪي ٻڌايو ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گهرو وزي3ر ضيا لنجار فون تي مير غالب جي عيادت ڪندي ڏوهارين خلاف ڀرپور ڪاروائي جي خاطري ڪرائي آهي. ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ حملي جي تصديق ڪئي آهي. ٻئي پاسي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڌار ڌار جاري ڪيل بيانن ۾ ٻن محافظن جي فوت ٿيڻ تي افسوس ظاهر ڪندي ڏوهارين جي گرفتاري جي هدايت ڪئي آهي. سي ايم، آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪئي آهي. گهرو وزير ضيا لنجار به واقعي بابت ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کان رپورٽ طلب ڪئي آهي.










