حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي عيد جي موقعي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آھي تہ سرندي وارا غريبن کي عيد جي خوشين ۾ شامل ڪن، اڄوڪي ڏينھن قرباني جو گوشت پاڙي جي غريبن ۾ ورھايو وڃي۔ انھن کي پنھنجي خوشين ۾ شامل ڪيو وڃي.قرباني جي عيد جو اصل مقصد ٻين کي خوشين ۾ شامل ڪرڻ آھي۔ انسانيت کي پاڻ ۾ جوڙڻ آھي،اتحاد قائم ڪرڻو آھي۔ احساس جا جذبا وڌائڻا آھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ قرباني جو مقصد گوشت گڏ ڪرڻ ناھي۔ رڳو وڏن ماڻھن کي ياد ناھي ڪرڻو۔ اميرن جي خوشنودي حاصل ناھي ڪرڻي۔ انسانيت جي اصل خدمت سڀني جي برابري آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ خراب حڪمراني جي ڪري غريب اڳ کان وڌيڪ غريب ۽ امير اڳ کان وڌيڪ امير ٿيو آھي۔ غريب ماڻھو 2 وقت جي ماني لاء پريشان آھن۔ اھي نوان ۽ سٺا ڪپڙا خريد ڪرڻ کان محروم آھن۔ انھن وٽ وزيرن ۽ اميرن وانگر 10۔ 10 وڏا محل ۽ ماڙيون ناھن۔ انھن وٽ بيماري جي حالت ۾ معياري علاج جي سھولت ناھي۔










