اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر عارف علوي عيد الفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سزان ۾ گهٽتائي قتل، جاسوسي، رياست مخالف سرگرمين ۽ دهشتگردي سميت سنگين ڏوهن ۾ سزا مليل قيدين تي لاڳو نه ٿيندي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب سزائن ۾ گهٽتائي انهن ڏوهارين تي لاڳو نه ڪئي ويندي جيڪي زنا، چوري، ڦرلٽ، اغوا، مالياتي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ ۾ ملوث هوندا. پڌرائي موجب سزائن ۾ گهٽتائي 65 سالن کان مٿي عمر جي مرد قيدين ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي عورت قيدين تي لاڳو ٿيندي جن پنهنجي قيد جو ٽيون حصو ڪاٽي ڇڏيو آهي. اهڙي طرح سزا ۾ گهٽتائي 18 سالن کان گهٽ عمر وارن ماڻهن تي به لاڳو ٿيندي جن پنهنجي سزا جو ٽيون حصو پورو ڪيو آهي. صدر آئين جي آرٽيڪل 45 تحت سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.










