ڪراچي: ( اسٽاف رپورٽر ) قرباني جي عيد کان اڳ ڀاڄين ۽ سائي مصالحي جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو، جڏهن ته ٽماٽا، ادرڪ، ٿوم ۽ ليمن جون قيمتون به آسمان تي پهچي ويون آهن.
شهر ۾ گذريل هفتي تائين 60 روپيه ڪلو وڪرو ٿيندڙ ٽماٽن جي قيمت 120 روپيه کان وڌي وئي، ليما 500 روپيه ڪلو ادرڪ، ٿوم، 550 کان 600 روپيه ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳا، ساوا مرچ 60 مان وڌي 100 روپيه پاءُ وڪرو ٿي رهيا آهن.
ساوا ڌاڻا، ڦودني جي ويڙهي جي قيمت به عام ڏينهن کان ٻيڻي وصول ڪئي پئي وڃي، گوشت ڳارڻ جي لاءِ ڪچو پپيتو 150 کان 200 روپيه ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي. سلاد جي لاءِ استعمال ٿيندڙ ونگا، سلاد جا پتا به ناياب سبزين ۾ شمار ٿيڻ :لڳا. ونگا 150 روپيه ڪلو، ڪڪڙي 200 روپيه ڪلو جڏهن ته سلاد جا پتا 100 روپيه پاءُ تائين وڪرو ڪيا پيا وڃن.
ڀاڄيون وڪرو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ٽرانسپورٽ جي ڪري ڀاڄين جي پهچ جي لاڳت ۾ نمايان اضافي کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جڏهن ته طلب ۽ رسد جو توازن خراب ٿيڻ سبب سبزي منڊي جي سطح تي به سائو مصالحو مهانگي اگهن تي وڪرو ٿي رهيو آهي.










